عبدالرحيم صابر

عبدالرحيم صابر: نامور شاعر ۽ صحافي عبدالرحيم صابر، 1928ع ڌاري نوآباد، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس هڪ ڀاءُ محمد يوسف شاعر پنهنجي وقت جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. عبدالرحيم پهريان ‘نو آبادي’ جي تخلص سان لکڻ شروع ڪيو. ننڍيءَ عمر کان سنڌي پريس سان وابسته ٿيو. هيءُ آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ وارين اخبارن: روزاني سنسار، سماچار، هندو سنسار، هندو، آزاد، قرباني، الوحيد ۽ هفتيوار آزاد اخبار ۾ ڪيترو وقت ڪم ڪري پنهنجو نالو ڪڍيو. هن ڪجهه وقت اخبارن ۾ ڪمپازيٽر طور ڪم به ڪيو. عبدالرحيم زندگيءَ جي آخر ۾ روزاني هلال پاڪستان سان سلهاڙيل هو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ٿيندڙ ڪيترن ئي مشاعرن ۾ شرڪت پڻ ڪئي. سندس همعصر شاعرن ۾ محمد جمن هالو، علي محمد مجروح، ساجد سرشاري وغيره قابل ذڪر آهن. هيءُ بزم طالب الموليٰ سان پڻ وابسته رهيو. هن 12 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.09.12  عيسوي

عبدالرحيم صابر، 1928ع ڌاري نوآباد، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.هن 12 سيپٽمبر 1985ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر بلوچ 2
جعفر ميمڻ
اسلم اڪبر قاضي
نور جوکيو
عـبـدالمجـيـد عـابـد قاضـي
امداد علي سومرو
سيد غلام رسول شاهه
اظهار سومرو
الطاف حسين قريشي
صديقي الهورايو طارق
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون